خلائي لباس

خلائي لباس

خلائي لباس

خلائي لباس (Space Suit) هڪ خاص قسم جو لباس، جيڪو خلاباز پائي خلائي سفر ڪندا آهن ۽ چنڊ يا ٻين سيارن تي ويندا آهن. هن لباس جو مقصد خلابازن کي گرمي ۽ سرديءَ کان بچائڻ ۽ 64 هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندڙ شهاب ثاقب کان به محفوظ رکڻ هوندو آهي. هي دنيا جو انوکو لباس آهي، جنهن ۾ هٿرادو هوا ڀريل هوندي آهي. هي لباس ٽن حصن تي مشتمل هوندو آهي. هن جو هڪ حصو خلاباز جي جسم تي چنبڙيل هوندو آهي، جنهن کي Liquid colling garment چوندا آهن، جيڪو نائلون جي هڪ ڄاريءَ تي مشتمل هوندو آهي، جيڪا پاڻيءَ جي نالين کي مضبوطيءَ سان پڪڙي رکندي آهي. خلاباز جي جسم جي گرميءَ جو درجو هڪ ئي سطح تي رکڻ لاءِ پاڻي انهن نالين مان گذرندو آهي. خلابازن کي هن حصي جي ضرورت تڏهن پوندي آهي، جڏهن سندن خلائي جهاز مان ٻاهر نڪرڻ ضروري هوندو آهي. ٻيو حصو
Torso limp Suit سڏبو آهي، جيڪو هٿن ۽ پيرن کان سواءِ سڄي جسم کي ڍڪي رکندو آهي. ٽيون حصو پندرهن تهن تي مشتمل هوندو آهي. جنهن کي Intergrated Thermal Meteroid Garment چوندا آهن. خلابازن جي هٿن ۽ پيرن کي گرمي ۽ چنڊ تي موجود جبلن جي پٿرن کان بچائڻ لاءِ خاص قسم جا دستانا ۽ بوٽ پارايا ويندا آهن. هي بوٽ وزني هوندا آهن ته جيئن خلاباز جو توازن برقرار رهي سگهي. خلاباز جي پٺيءَ تي چانديءَ جي صندوق هوندي آهي، جيڪا گئس ڀرڻ جي ٽانڪين، بجلي ۽ مواصلاتي نظام تي مشتمل هوندي آهي. هن جو وزن هڪ سئو ويهه پائونڊ هوندو آهي ۽ گهڻو ڪري منتقل ٿيڻ جوڳو حياتياتي نظام سڏبو آهي. چنڊ جي سطح تي سڀ کان پهريان هلندڙ خلابازن جيڪو لباس استعمال ڪيو هو، ان جو وزن سوا ٻه مڻ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو